محمد فقير مسخرو

محمد فقير مسخرو

محمد فقير مسخرو

محمد فقير مسخرو: مشھور مزاحيہ فنڪار فقير محمد بخش ولد چاڪر خان لغاري 27 مئي 1914ع تي ڳوٺ وارياسو، تعلقي جوھي، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. 1918ع ۾ پليگ جي وبا سبب سندس پيءُ وفات ڪئي، جنھن بعد سموري پالنا سندس مامي پرئي فقير وٽ ميھڙ ۾ ٿي. 1955ع ڌاري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي چوڻ تي وڏي عمر ۾ پرائمري اسڪول دادو ۾ پڙھڻ لاءِ ويٺو. جتان سنڌيءَ جا پنج درجا پاس ڪيا. مشھور سياستدان پير مظھر الحق بھ سندس هم ڪلاسي ھو. ھن مزاحيھ فن جي سکيا، ڏھن سالن جي عمر ۾ پنھنجي مامي پرئي فقير کان ورتي. هن پنھنجي فن جي باقاعده شروعات ميھڙ ۽ دادو جي ٿيندڙ پروگرامن کان ڪئي. ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ تي مشھور مزاحيھ فنڪارن قادو شيدي ماتلي واري ۽ حيدرآباد جي پيپلي سان گڏ فن جو مظاھرو ۽ مقابلو ڪيو. 1942ع جي ٻوڏ دوران بندن تي ڪم ڪندڙ ماڻهن ۽ رضاڪارن کي مزاحيھ ٽوٽڪا ٻڌائي سندن دل وندرائي. 1944ع ۾ دادو-لاڙڪاڻي لائين تي ريل گاڏين ۾ چڙھي مسافرن لاءِ وندر پيدا ڪئي. ھن ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جن ۾ قادر بخش مٺو، رشيد چارڻ ۽ حضور بخش گوپانگ قابل ذڪر آھن. ھن شھيد ذوالفقار علي ڀٽي، پير الاھي بخش، عبدالستار پيرزادي، ايوب کھڙي ۽ ٻين ڪيترن ئي نامور سياستدانن آڏو فن جو مظاھرو ڪري انعام حاصل ڪيا. اڳوڻي گورنر شيخ دين محمد مڃتا طور کيس 12 ايڪڙ زمين انعام ۾ ڏني. ھن شاھھ عبداللطيف ڀٽائي، قلندر شھباز ۽ ٻين ڪيترن ئي بزرگن تي ٿيندڙ ثقافتي ڪانفرنسن ۾ پنھنجي فن وسيلي داد حاصل ڪيو. ھن شاھھ لطيف جو ڪافي رسالو حفظ پڻ ڪيو. جنھن ۾ سندس رھنمائي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد سومار شيخ ۽ ممتاز مرزا ڪئي. 27 فيبروري 1985ع تي ساھ جي تڪليف سبب وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھ لال ھندي قبرستان دادوءَ ۾ آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.05.27  عيسوي

مشھور مزاحيہ فنڪار فقير محمد بخش ولد چاڪر خان لغاري 27 مئي 1914ع تي ڳوٺ وارياسو، تعلقي جوھي، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


1985.02.27  عيسوي

محمد فقير27 فيبروري 1985ع تي ساھ جي تڪليف سبب وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھ لال ھندي قبرستان دادوءَ ۾ آھي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ستئونداس حڪيم
ابڙو نجم الدين
ابن الجوزي
چانڊيو امام بخش اول
حسني مبارڪ
اظهر سولنگي
تيرٿ وسنت
چوڌري شجاعت حسين
حسن اي شيخ
پريانڪا چوپڙا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون